سنڌو صحرائي چنڊول

سنڌو صحرائي چنڊول

سنڌو صحرائي چنڊول

سنڌو صحرائي چنڊول (Indian or Indus Sand Lark/ Clandrella Raytel): هي پکي ڏسڻ ۾ قد بت جي لحاظ کان عام جهرڪي جيترو ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ سميت هندستان جي رڻ ۽ غير آباد زمينن تي ملندو آهي. هي پکي جسماني حساب نر ۽ مادي ذري گهٽ هڪجهڙا ئي ٿين ٿا. سندن پٺي ناسي رنگ جي ۽ ان تي گهرا لينگها هوندا آهن، جڏهن ته هن پکيءَ جي ڳچي کان پيٽ تائين اڇو رنگ ۽ پاسراٽين کان هلڪا هيڊا نشان هوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو